حسن علي واهه

حسن علي واهه: هيءُ واهه، گوني تعلقي ۾ ڪاتيارن ويجهو ڦليليءَ جي وهڪري گاجيا واهه ڏانهن سڌي لائين ۾ وهي ٿو. گاجيا واهه کي چوويهن ميلن وٽ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مٿيون حصو ارڙهين ميل وٽ لهواري پاسي وٽان ڦليليءَ مان پاڻيءَ کڻندو رهي ٿو. هن واهه کي حسن علي واهه ذريعي پاڻي پهچايو وڃي ٿو. هن واهه جي ڪل ڊيگهه 35 ميل آهي ۽ ان جي شاخن جي گڏيل ڊيگهه 63 ميل آهي. 05-1904ع ۾ نيڪال ٿيندڙ پاڻيءَ جو سرسري وهڪرو 489 ڪيوسڪ هو. هن تي سالياني پوکجندڙ ايراضي 11 هزار 259 ايڪڙ آهي، جنهن مان اٽڪل 75 سيڪڙو ايراضي وهڪري تي آباد ٿئي ٿي.


لفظ حسن علي واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو